گجرانوالا ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جو ڌرڻو، ڏڦيڙن واري صورتحال

اسلام آباد ويندڙ پابندي مڙهيل تنظيم جا مظاهرين گجرانوالا ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن، جڏهن ته پابندي مڙهيل تنظيم جي احتجاج  جي ڪري راولپنڊي ۾ ڏڦيڙن واري صورتحال آهي.

گجرانوالا ۾ جي ٽي روڊ سميت شهر جي مک شاهراهون اڄ به بند آهن، رستا بند هجڻ سبب شهرين کي جتي سفري تڪليف سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي اتي سبزي منڊي ۾ گاڏين جي نه پهچڻ سبب کاڌي پيتي جي شين، سبزين ۽ ساون مصالحن جي به کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

شهرين جو چوڻ آهي ته جيڪي شيون ملي رهيون آهن انهن جا اگهه ٻيڻ ٽيڻ تي آهن.

احتجاج جي ڪري گاڏين جي اچ وڃ ۽ انٽرنيٽ سروس بند آهي جڏهن ته پيٽرول شين جي سپلاءِ نه هجڻ ڪري ڪيترائي پيٽرول پمپ خالي ٿي چڪا آهن.

شهرين جو چوڻ آهي ته ائين ئي رستا بند رهيا ته اهڙيون ڏکيائون وڏي بحران جو سبب بڻجي وينديون.

هوڏانهن راولپنڊي ۾ مري روڊ ۽ ان آسپاس جا ڪاروباري مرڪز ۽ ڪيترائي تعليمي ادارا بند آهي ۽ فيض آباد انٽرچينج کان مريز چوڪ صدر تائين مري روڊ جا ٻئي پاسي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيا ويا آهن.

چاندني چوڪ کان فيض آباد چوڪ تائين مري روڊ سيل آهي ۽ فيض آباد کان ڇهين روڊ تائين پوليس جي وڏي نفري مقرر آهي، راولپنڊي ۾ميٽرو بس سروس صدر کان فيض آباد تائين بند آهي جڏهن ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد کي ملائيندڙ ڪيترائي مک رستا بند هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

Read Previous

عبدالقدوس بزنجو بنا مقابلي بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجي ويو

Read Next

ڪالعدم ٽي ايل پي سان ڳالهين لاءِ دروازا بند ناهن: گهرو وزير

Most Popular