ڪالعدم ٽي ايل پي سان ڳالهين لاءِ دروازا بند ناهن: گهرو وزير

وفاقي گهرو وزير شيد رشيد احمد چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهين جا دروازا بند ناهن ٿيا.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد ٻڌايو ته ڪميٽي جو اجلاس 2 ڪلاڪ جاري رهيو، اجلاس ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، آرمي چيف ۽ هٿياربند فوج جا سربراهه به موجود هئا، اڄوڪي اجلاس ۾ هر ماڻهو ڳالهايو ۽ اجلاس ۾ ڳالهين جي رپورٽ به پيش ڪئي وئي.

ٽي ايل پي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته ڳالهين جا دروازا بند ناهن ٿيا پر رياست جي رٽ کي هر حال ۾ قائم ڪيو ويندو، خواهش آهي ته معاملا سٺي طريقي سان حل ٿي وڃن، حڪومت کي ماڻهن جي جان ۽ ملڪيت جي حفاظت کي يقيني بڻائڻو آهي.

وفاقي وزير چيو ته جيڪي ڳالهيون ڪيون ۽ صحيحون ڪيون انهن تي قائم آهيون، پابندي مڙهيل تنظيم وارن واعدو ڪيو هو ته جي ڊي روڊ کولينداسين، جيڪڏهن شام جو اسان جون انهن سان ڪي ڳالهيون ٿين ٿيون ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچون ٿا ته توهان کي ٻڌائينداسين، وزيراعظم سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن قوم کي خطاب ڪندو، وزيراعظم جي تقرير سڄي حڪومت جو موقف هوندو.

هن چيو ته جشن عيد ميلاد النبي صه جي جلوس کي ڌرڻي ۾ تبديل ڪيو ويو، جي ٽي روڊ جي چوڌاري رهائشي، اسڪول ۽ ڪاليج متاثر ٿي رهيا آهن، 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، 80 کان مٿي اهلڪارن کي گوليون لڳيون آهن، جڏهن ملڪي فورس تي گوليون هلايون وينديون آهن ته اهڙي حالتن ۾ پوليس کي رينجرز جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

Read Previous

گجرانوالا ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جو ڌرڻو، ڏڦيڙن واري صورتحال

Read Next

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: ويسٽ انڊيز جو بنگلاديش کي 143 رنسن جو هدف

Most Popular