ڪراچي مڪمل طور ٻُڏڻ جو خطرو، عالمي ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال گرمي پد 74 ورهين ۾ سڀ کان وڌيڪ رهيو، جيڪڏهن صورتحال اها ئي رهي ته ڪراچي مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي سگهي ٿو.

برطانيا جي ميزباني ۾ موسمياتي تبديلي تي عالمي ڪانفرنس اسڪاٽ لينڊ جي شهر گلاسگو ۾ شروع ٿي وئي آهي، جنهن ۾ عالمي ليڊر، تجزئي نگار ۽ واپاري شرڪت ڪري رهيا آهن.

ان حوالي سان پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا زمين جي سطح تي سرسبز مستقبل لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان موسمياتي تبديلين سان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ اٺين نمبر تي آهي.

برطانوي هاءِ ڪميشن موجب ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال گرمي پد 74 ورهين ۾ سڀ کان وڌيڪ رهيو، جيڪڏهن صورتحال اها ئي رهي ته ڪراچي 2060 تائين مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي سگهي ٿو.

هاءِ ڪميشن چيو آهي ته هلندڙ سال دنيا ۾ سڀ کان گرم ترين ڏينهن رڪارڊ ڪيو ويو، اها ئي صورتحال رهي ته هندو ڪش جبل ۽ هماليا جا 36 سيڪڙو گليشيئرز 2100 تائين ڳَري ويندا.

برطانوي هاءِ ڪميشن موجب 26 پاڪستاني ڪمپنين کي پنهنجو فضائي گدلاڻ 2030 تائين اڌ ڪرڻ تي راضي ڪيو آهي، جڏهن ته 28 پاڪستاني ڪمپنين پنهنجو فضائي گدلاڻ 2050 تائين اڌ تي آڻڻ جو عزم ڪيو آهي.

Read Previous

سلمان خان ڏکئي وقت ۾ شاهه رخ سان گڏ

Read Next

وزيراعظم جي عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت

Most Popular