وزيراعظم جي عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت

عمران خان

وزيراعظم عمران خان عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ معاشي ٽيم بريفنگ ڏني، وزيراعظم کي عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگائي ۽ وڌندڙ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي بريفنگ ڏني وئي.

ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ مثالي قدم کنيا ۽ حڪومت عام واهپي جي شين ۽ پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

هن چيو ته معاشي ترقي لاءِ اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان آهي.

وزيراعظم عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدمن تي عمل يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

Read Previous

ڪراچي مڪمل طور ٻُڏڻ جو خطرو، عالمي ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

Read Next

ناجائز نالائق به نڪتا، ڇوٽڪاري تائين جنگ جاري رهندي: فضل الرحمان

Most Popular