سوناڪشي سنها، هما قريشي خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو

بالي ووڊ دبنگ گرل سوناڪشي سنها اداڪارا هما قريشي کي تصوير چورائڻ تي قانوني نوٽيس موڪلڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.

اداڪارا هما قريشي تازو پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ تصوير پوسٽ ڪندي مداحن کي هالو وين تهوار جي مبارڪ ڏني ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ته منهنجي اها تصوير گذريل رات جي آهي پر سوناڪشي پنهنجي تصوير چوري ٿيڻ تي متحرڪ ٿي وئي.

سوناڪشي، هما جي پوسٽ تي مداحن سامهون چوري جو پول پڌرو ڪري ڇڏيو ۽ لکيو ته منهنجي اجازت بنا توهان منهنجي تصوير پنهنجي پروفائل تي ڇو پوسٽ ڪري رهيا آهيو؟ ۽ ان کي پنهنجي تصوير قرار ڏئي رهيا آهيو.

سوناڪشي جي ڪمينٽ کانپوءِ هما قريشي جو ڀاءُ ثاقب سليم به ميدان ۾ اچي ويو ۽ پنهنجي ڀيڻ کي مخاطب ٿيندي چيائين ته هتي به دوکيبازي.

سوناڪشي سنها جواب ۾ لکيو ته هما قريشي منهنجي تصوير استعمال ڪري ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهي ٿي ته هوءَ ڪيڏي سهڻي آهي، هوءَ منهنجي تصوير استعمال ڪري رهي آهي، مهرباني ڪري کيس سمجهايو.

هوڏانهن سوناڪشي سنها پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي هما قريشي جو اسڪرين شاٽ لڳائيندي لکيو ته منهنجي تصوير کي پنهنجو بڻائي پيش ڪرڻ بند ڪيو، مان توهان کي قانوني نوٽيس موڪلي رهي آهيان.

Read Previous

سڄي پاڪستان جيان سنڌ ۾ به نيشنل بينڪ آف پاڪستان تي سائيبر حملو , نظام درهم برهم , ٻئي ڏينهن به بينڪون بند , لکين صارفين پريشان

Read Next

عالمي آبادي ۾ جاري واڌ ۾ گهٽتائي اچي وئي

Most Popular