عالمي آبادي ۾ جاري واڌ ۾ گهٽتائي اچي وئي

گذريل 30 سالن ۾ دنيا جي آبادي ۾ ٽيون حصو گهٽتائي اچي وئي.

اها ڳالهه جرمن فائونڊيشن فار ورلڊ پاپوليشن (ڊي ايس ڊبليو) جي هڪ نئين رپورٽ سان سامهون آئي آهي.

ان اڳڀرائيءَ جو سبب پيدائش جي شرح ۾ گهٽتائي ٻڌائي وئي آهي.

اها شرح 1990 ۾ سراسري طور 3.2 ٻار في عورت هئي، جيڪا هاڻ گهٽجي 2.3 ٻار في عورت تي اچي وئي آهي پر ان حوالي سان مختلف ملڪن ۾ شرح تمام مختلف آهي.

رپورٽ موجب صحارا جي ڏکڻ ۾ موجود آفريقي ملڪن ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ پيدائش جي شرح 4.7 ٻار في عورت آهي.

واضح رهي ته هن وقت دنيا جي آبادي تقريبن 7.9 ارب آهي.

Read Previous

سوناڪشي سنها، هما قريشي خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

ڏسڻ ۾ ننڍڙي بيضي جا صحت لاءِ وڏا فائدا

Most Popular