سڄي پاڪستان جيان سنڌ ۾ به نيشنل بينڪ آف پاڪستان تي سائيبر حملو , نظام درهم برهم , ٻئي ڏينهن به بينڪون بند , لکين صارفين پريشان

راڻيپور ( رپورٽر سيد زوار شاه ) سڄي پاڪستان جيان سنڌ ۾ به نيشنل بينڪ آف پاڪستان تي سائيبر حملو , نظام درهم برهم , ٻئي ڏينهن به بينڪون بند , لکين صارفين پريشان رپورٽ موجب گذريل ٽي ڏينهن اڳ سڄي پاڪستان خاص نيشنل بينڪ آف پاڪستان مٿان سائيبر حملو ٿيڻ ڪري لنڪ ڪم نه پئي ڪري, جنهن بعد سڄي پاڪستان جيان سنڌ راڻيپور جي نيشنل بينڪ آف پاڪستان ٻئي ڏينهن به نه کلي سگهيون جنهن بعد لکين صارفين لين دين ڪرڻ سميت سرڪاري ملام محروم رهجي ويا ,جڏھن ته مڪمل نظآم درهم برهم ٿي ويو , ان موقعي تي ڪيترن ئي صارفين سٽي پريس ڪلب جي صحافين کي ٻڌايو ته سائبر حملي بعد اڇانڪ لنڪ ڪم نه پئي ڪري جنهن ڪري اسان صارف وڏي مشڪل مان گذري رهيا آھيون مهنگآئي ڪري پهريان ئي سيدو سامان کٽي پوي ٿو هاڻ ته گهر ۾ نه کنڊ پتي آھي نه گيھ تيل ,مرچ لوڻ آھي ,جنهن ڪري وڏي مشڪل ترين حالتن مان پيا گذرون , ٻئي پاسي نيشنل بينڪ پاڪستان جي هڪ معتبر ٻڌايو ته سائبر حملي بعد صرف لنڪ ڪم نه پئد ڪري صارفين جا پيسا سون سميت تمآم ڊاڪيومينٽس محفوظ آھن لنڪ تي ڪم ٽن ڏينهن کان جاري آھي ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ نيشنل بينڪ کلي ويون آھن راڻيپور به جلد کلي ويندي جيئن صارفين ڪنهن وڌيڪ زحمت کان بچي سگهن

Read Previous

مهوش حيات ٽي وي اسڪرين تان گم هجڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

سوناڪشي سنها، هما قريشي خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular