هندو برادري ۽ شهرين پاران بدامني ۽ پوليس زيادتين خلاف ٻارھين ڏينهن به صرافه چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو

جيڪب آباد = ( رپورث بخيتار خان منجھو ) واپارين، هندو برادري ۽ شهرين پاران بدامني ۽ پوليس زيادتين خلاف ٻارھين ڏينهن به صرافه چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ واپاري اڳواڻ احمد علي بروهي، پي پي شهيد ڀٽو جي نور محمد منجھو اليڪٽرڪ يونين جي حافظ مير محمد بنگلاڻي، صرافه يونين جي صدر جمال الدين لکڻ، حاجي يوسف ميمڻ ڊاکڻ يونين جي صدر عبدالطيف سومرو عبدالسلام سومرو مزدور شھري اتحاد صدر حاجي غلام نبي رند ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مظاهرين ايس ايس پي شمائل رياض هٽايو جيڪب آباد شهر بچايو جا نعرا هڻندي علامتي بک هڙتال ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پوليس شهرين کي سياسي بنيادن تي هراسان ڪري رهي آهي، ايس ايس پي غير جانبدار ناهي رهيو کيس هٽايو وڃي ۽ وڌيڪ اڳواڻ پاران نور محمد منجھو جي دڪان تالا ٽوڙڻ جي شديد الفاظ ۾ مذمت ڪجي ٿي

Read Previous

راولاڪوٽ ۾ هيانءُ ڏاريندڙ حادثو، بس کاهيءَ ۾ ڪِرڻ سبب 23 ڄڻا فوت

Read Next

داعش جي حملي ۾ سينيئر طالبان ڪمانڊر مارجي ويو

Most Popular