داعش جي حملي ۾ سينيئر طالبان ڪمانڊر مارجي ويو

افغان تخت گاهه ڪابل جي هڪ فوجي اسپتال تي داعش جي حملي ۾ طالبان جو هڪ سينيئر عسڪري ڪمانڊ مارجي ويو.

وچ آگسٽ ۾ افغانستان تي طالبان جي عملداري کانپوءِ ڪنهن به دهشتگرد حملي ۾ طالبان جو اعليٰ ڪمانڊر مارجي وڃڻ جو اهو پهريون واقعو آهي.

حمدالله مخلص طالبان جي بدري اسپيشل فورسز جو ڪمانڊر هو.

داعش جي شدت پسندن اڱاري ڏينهن ڪابل جي سردار دائود خان اسپتال تي حملو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ مجموعي طور 19 ڄڻا مارجي ويا.

داعش دعويٰ ڪئي آهي ته انهن جي 5 ويڙهاڪن اهو منظم حملو ڪيو، جيڪو گهڻي دير تائين جاري رهيو پر طالبان ترجمان ذبيح الله جي بقول ته حملي کي 15 منٽن ۾ ئي ناڪام بڻايو ويو هو.

Read Previous

هندو برادري ۽ شهرين پاران بدامني ۽ پوليس زيادتين خلاف ٻارھين ڏينهن به صرافه چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو

Read Next

پاڪستاني فلمون ۽ ڊراما عالمي معيار جا ناهن: مهوش حيات

Most Popular