هڪ لک سرڪاري جاين تي ڀرتين جي منظوري

پنجاب حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته صوبي ۾ هڪ لک سرڪاري جاين تي ڀرتي جي منظوري ڏني وئي آهي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پنجاب حڪومت جي ترجمان حسان خاور چيو ته ڀرتيون ميرٽ تي ٿينديون، نوڪرين لاءِ ميرٽ تعليم ۽ تجربو آهي.

هن چيو ته اهي ڀرتيون مرحلي وار هونديون، پهرئين مرحلي ۾ 16 هزار ڀرتيون ڪيون وينديون، تعليم ۽ صحت کاتي ۾ ترجيحي بنيادن تي ڀرتيون ڪيون وينديون.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اپوزيشن پنهنجي مرضي جون شيون ڏسڻ چاهي ٿي، حڪومت جو ڪم اهو ناهي ته اپوزيشن جون اکيون کولي، عوام ڄاڻي ٿو ته وڏو وزير عوامي خدمت ۾ رڌل آهي.

Read Previous

ناظم جوکئي جي قتل جي مذمت، مظلومن کي انصاف ملندو: سعيد غني

Read Next

ڊيري بگٽي ۾ ليويز اهلڪار سميت ٻه ڄڻا قتل

Most Popular