ناظم جوکئي جي قتل جي مذمت، مظلومن کي انصاف ملندو: سعيد غني

Saeed ghani

سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ملير واقعو مذمت جوڳو آهي، غلط ٿيو ۽ ظلم ٿيو آهي، وڏي وزير اهو يقيني بڻايو ته وارثن جي مرضيءَ موجب ايف آءِ آر ڪَٽجي.

واضح رهي ته عربن طرفان شڪار ڪرڻ جي ويڊيو وائرل ڪرڻ تي بااثرن بيدرديءَ سان نوجوان ناظم جوکئي کي قتل ڪري ڇڏيو هو، واقعي خلاف وارثن سخت احتجاج ڪندي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو آهي ۽ سندن چوڻ آهي ته قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت مظلومن سان گڏ بيٺي آهي، ايف آءِ آر ۾ ايم پي اي جو نالو شامل آهي، اسان جو ايم پي اي هوندو ته به ڪارروائي ٿيندي، ڇو ته قانون جو ٻٽو معيار نٿو ٿي سگهي، قانون موجب جنهن جي گرفتاري ٿيڻي هوندي ٿيندي، متاثرن کي انصاف ملندو.

هن وڌيڪ چيو ته اربين رپين جا ڌاڙا هڻندڙن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي، اهي پ پ حڪومت کي ٽارگيٽ ڪري پنهنجي نااهلي لڪائڻ چاهين ٿا، عوام مهانگائي جي بار ۾ دٻيل آهي، ماڻهن مهانگائي خلاف احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي آهي.

سندس موجب وزيراعظم چيو آهي پيٽرول وڌيڪ مهانگو ڪرڻو پوندو، اهو به چون ٿا ته گئس بحران ايندو، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪجهه شهرن ۾ کنڊ 150 رپيا ڪلو ملي رهي آهي.

Read Previous

پاڪستان ۾ روز 1200 ٻار سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪن ٿا: رپورٽ

Read Next

هڪ لک سرڪاري جاين تي ڀرتين جي منظوري

Most Popular