ڊيري بگٽي ۾ ليويز اهلڪار سميت ٻه ڄڻا قتل

ڊيري بگٽي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ليويز اهلڪار سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا.

ليويز اختيارين موجب ڊيري بگٽي جي علائقي ڦيلاواغ ۾ اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري ليويز اهلڪار دينو ۽ ان جي ساٿي ظفر کي قتل ڪيو.

ليويز اهلڪار پنهنجي ساٿي سان گڏ موٽر سائيڪل تي ڊيري بگٽي کان ڦيلاواغ وڃي رهيو هو ته کين روڪي مٿن فائرنگ ڪئي وئي.

ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته فائرنگ کانپوءِ جوابدارن مارجي ويلن جي موٽر سائيڪل کي باهه پڻ ڏني.

Read Previous

هڪ لک سرڪاري جاين تي ڀرتين جي منظوري

Read Next

موٽر سائيڪل سوار ماءُ ۽ ڌيءُ حادثي ۾ فوت

Most Popular