آمريڪا، اسرائيلي ڪمپني کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو

آمريڪا جاسوسي ڪندڙ سافٽ ويئر ”پيگيسس“ ٺاهيندڙ اسرائيلي ڪمپني کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو.

آمريڪا طرفان اهو قدم ڪامرس ڊپارٽمينٽ اربع جي رات کنيو.

هوڏانهن سافٽ ويئر ٺاهيندڙ ڪمپني اين ايس او جي ترجمان آمريڪي فيصلي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان جي ٽيڪنالاجي ۽ سافٽ ويئر ڏوهن ۽ دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ آمريڪي مفادن جو تحفظ ڪن ٿا.

پر آمريڪا جو موقف آهي ته پيگيسس جي مدد سان آمراڻي طرز جي حڪومتن سياسي ناقدن ۽ مخالفن، صحافين ۽ انساني حقن لاءِ سرگرم ڪارڪنن جي جاسوسي ڪئي.

واضح رهي ته پيگيسس هڪ اهڙو سافٽ ويئر آهي، جيڪو ڪنهن شخص جي موبائل فون تائين پهچڻ کانپوءِ ان کي جاسوسي جو هڪ اوزار بڻائي ڇڏي ٿو.

Read Previous

”گرمي ۾ واڌ سبب گڙدن جون بيماريون به وڌڻ لڳيون“

Read Next

ڳوٺ خدا بخش اسراڻ مان ڳوٺاڻي طالب اسراڻ جون ڀلوڙ نسل جون 3 قيمتي ٻڪريون چوريون۔ ٻن چورن جا پيرا ظاهر

Most Popular