”گرمي ۾ واڌ سبب گڙدن جون بيماريون به وڌڻ لڳيون“

ماحولياتي تبديلين سبب گرمي وڌڻ سان گڙدن جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيندڙ ماڻهن جو انگ به نمايان طور تي وڌي چڪو آهي.

اهو انڪشاف برازيل ۾ 2000 کان 2015 دوران گڙدن جي بيمارين سبب اسپتال ۾ داخل ٿيندڙ 27 لک کان وڌيڪ مريضن جي ڄاڻ گڏ ڪرڻ بعد ٿيو آهي، جڏهن ته ان تحقيق ۾ لاڳيتو وڌندڙ گرمي پد کي به نظر ۾ رکيو ويو هو.

ماهرن کي خبر پئي ته 15 سالن دوران گرمي پد ۾ واڌ سبب گڙدن جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي اسپتال پنچندڙن جي انگ ۾ 7.4 سيڪڙو واڌ ٿي.

جيڪڏهن انگن اکرن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان جو مطلب آهي ته ان سڄي عرصي ۾ گڙدن جي مرضن ۾ مبتلا ٿيندڙ برازيلي شهرين جي انگ ۾ 202،000 جي واڌ ٿي.

اها تحقيق آسٽريلوي ۽ برازيلي سائنسدانن جي ٽيم ڪئي آهي جنهن جي سربراهي موناش يونيورسٽي جي ڊاڪٽر يومنگ گئو ڪري رهيو هو.

ڊاڪٽر گئو جو چوڻ آهي ته روزانو سراسري گرمي پد ۾ رڳو هڪ ڊگري سينٽي گريڊ واڌ سان گڙدن جي مرضن ۾ به هڪ سيڪڙو واڌ ٿئي ٿي.

ريسرچ جرنل ”دي لينسٽ ريجنل هيلٿ-آمريڪا“  جي تازي پڌرائي ۾ ڊاڪٽر گئو ۽ سندس ساٿين برازيل جي 1816 اسپتالن جا روزانو جي بنيادن تي داخل ٿيندڙ جا 15 سالن جا انگ اکر حاصل ڪيا.

واضح رهي ته 2017ع ۾ به اهڙي ئي هڪ 10 سالن تي ٻڌل تحقيق شايع ٿي هئي، جنهن ۾ ڪاٿو لڳايو ويو هو ته ان عرصي ۾ گڙدن جي مرضن سبب سڄي دنيا ۾ 26 لک فوتگيون ٿيون جڏهن ته گڙدن جي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن جي انگ ۾ به 26.6 سيڪڙو واڌ ٿي هئي.

Read Previous

حڪومت جو رات جي اونداهيءَ ۾ عوام تي وار، پيٽرول وڌيڪ مهانگو

Read Next

آمريڪا، اسرائيلي ڪمپني کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو

Most Popular