ڳوٺ خدا بخش اسراڻ مان ڳوٺاڻي طالب اسراڻ جون ڀلوڙ نسل جون 3 قيمتي ٻڪريون چوريون۔ ٻن چورن جا پيرا ظاهر

نوشھروفيروز(رپورٽ توحيق احمد ميمڻ) ڳوٺ خدا بخش اسراڻ مان ڳوٺاڻي طالب اسراڻ جون ڀلوڙ نسل جون 3 قيمتي ٻڪريون چوريون۔ ٻن چورن جا پيرا ظاهر۔ ڳوٺاڻن جو پوليس جي نااهلي۔ چورين ۾ اضافي ۽ امن امان جي صورتحال برقرار نه هجڻ خلاف احتجاج۔ چور ٻڌڻ ۽ ٻڪريون واپس ڪرڻ جي گهر۔ ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ڳوٺاڻي طالب اسراڻ۔ عاقل۔ هاشم اسراڻ ۽ ٻين چيو ته گذريل رات دير سان نامعلوم چور طالب اسراڻ جي گهر ۾ گهڙي ڀلوڙ نسل جون 3 گلابي ٻڪريون ڪاهي ويا آھن۔ جڏهن ته ان واقعي جو نوشھروفيروز پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پر پوليس هن وقت تائين چور گرفتار ڪيا آھن نه ئي وري چوري ٿيل لکين رپين جون ٻڪريون واپس ٿيون آھن۔ هنن چيو ته نوشھروفيروز ۾ ڏينهون ڏينهن امن امان جي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي پر پوليس اگهور ننڊ پيل آھي۔ هنن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدامني سبب هو گهرن ۾ به محفوظ نه آھن جنهن ڪري پوليس ڪارروائي ڪري نه صرف ٻڪريون واپس ڪرايون وڃن پر علائقي جو امن امان به بحال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ هو سخت احتجاج ڪندي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻندا۔

Read Previous

آمريڪا، اسرائيلي ڪمپني کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو

Read Next

ورلڊ ڪپ: ڀارت ۽ افغانستان جا به ٽپڙ گول، نيوزيلينڊ سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

Most Popular