عراقي وزيراعظم جي رهائشگاهه تي ڊرون حملا

عراق جي وزيراعظم مصطفيٰ الڪاظمي جي رهائشگاهه تي ڊرون حملا ڪيا ويا آهن.

آچر 7 نومبر جي صبح بارود سان ڀريل ڊوزن سان عراقي وزيراعظم جي رهائشگاهه کي نشانو بڻايو ويو ۽ حملي ۾ الڪاظمي مڪمل طور محفوظ رهيو.

ڊرون حملن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن ۾ وزيراعظم جي محافظ دستي جي ميمبر به شامل آهن.

بغداد مان ملڪي فوج ان کي وزيراعظم تي قاتلاڻو حملو قرار ڏنو آهي، جڏهن ته عراقي وزيراعظم جي به حملي کي دهشتگردي جو هڪ فعل قرار ڏنو.

هوڏانهن آمريڪي اختيارين به ان حملي جي سخت مذمت ڪندي بغداد حڪومت کي هر قسم جي سهڪار ۽ مدد جي آڇ ڪئي آهي، جڏهن ته سلامتي جي اعليٰ ترين ايراني اهلڪار طرفان به مذمت سامهون آئي آهي.

Read Previous

راني مکرجي عامر خان سان محبت جو اعتراف ڪري ورتو

Read Next

ويرات ڪوهلي جو ڪيريئر خطري ۾!

Most Popular