ٻيو سيمي فائنل: آسٽريليا جو پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا، پاڪستان خلاف ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪري ورتو.

دبئي ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا جي ڪپتان ايرون فنچ ٽاس کٽي اڳ ۾ پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.

پاڪستاني ٽيم ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، محمد رضوان، فخر زمان، محمد حفيظ، شعيب ملڪ، آصف علي، شاداب خان، عماد وسيم، حسن علي، حارث رئوف ۽ شاهين آفريدي شامل آهن.

آسٽريليا جي ٽيم ۾ ايرون فنچ (ڪپتان)، ڊيوڊ وارنر، مچل مارش، گلين ميڪسويل، اسٽيون سمٿ، مارڪس اسٽوئنس، ميٿيو ويڊ، پيٽ ڪمنز، مچل اسٽارڪ، ايڊم زمپا ۽ جوش هيزل ووڊ شامل آهن.

Read Previous

قاضي احمد ڀرسان راضي جتوئي جي رھواسڻ بيوھ صنم جتوئي پنهنجي ڏيرن جي ظلمن کان تنگ ٿي پريس ڪلب قاضي احمد پھچي صنم جتوئي داھيندي

Read Next

نادرا جو سنڌ ۾ وڌيڪ ميگا سينٽر ٺاهڻ جو فيصلو

Most Popular