نادرا جو سنڌ ۾ وڌيڪ ميگا سينٽر ٺاهڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ نادرا جا وڌيڪ 3 ميگا سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جن مان ٻه ميگا سينٽر ڪراچي ۽ هڪ حيدرآباد ۾ قائم ڪيو ويندو.

نادرا اختيارين موجب ميگا سينٽرن تي ٻن شفٽن ۾ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

اختيارين ٻڌايو ته ڪراچي جي اوڀر۽ ملير ضلعي ۾ هڪ، هڪ ميگا سينٽر ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لياقت آباد ۽ ڪورنگي نادرا رجسٽريشن سينيٽر ٻن شفٽن ۾ ڪم ڪندا.

نادرا اختيارين موجب اهو فيصلو به ڪيو ويو آهي ته وارثتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ لاءِ عوامي مرڪز ۾ هڪ خاص سينٽر قائم ڪيو ويندو، ان کانسواءِ شهر ۾ 4 ايم آر وين (موبائل رجسٽريشن وين) جي واڌ ڪئي وئي آهي، نادرا جي وڌيڪ 4 ايم آر وين جي شموليت کانپوءِ ڪراچي جو مجموعي فليٽ 23 ٿي ويو.

هوڏانهن ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙا ٻاري، ميرپورخاص جي تعلقي سنڌڙي ۽ عمرڪوٽ جي تعلقي ساماري ۾ به نوان سينٽر قائم ڪيا ويندا.

حيدرآباد ۽ ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ اهي نوان منصوبا پورا ڪرڻ جي ڊيڊ لائن 31 ڊسمبر آهي.

Read Previous

ٻيو سيمي فائنل: آسٽريليا جو پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو

Read Next

تحريڪ لبيڪ پاڪستان سربراهه سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊيول جي فهرست مان خارج

Most Popular