قاضي احمد ڀرسان راضي جتوئي جي رھواسڻ بيوھ صنم جتوئي پنهنجي ڏيرن جي ظلمن کان تنگ ٿي پريس ڪلب قاضي احمد پھچي صنم جتوئي داھيندي

قاضي احمد رپورٽ سرائي علي نواز قاضي احمد ڀرسان راضي جتوئي جي رھواسڻ بيوھ صنم جتوئي پنهنجي ڏيرن جي ظلمن کان تنگ ٿي پريس ڪلب قاضي احمد پھچي صنم جتوئي داھيندي چيو ته منھنجو مڙس ابراھيم جتوئي ست مھينا اڳ ۾ فوت ٿي ويو آهي منھنجا ڏير مڙس جي فوت ٿئڻ کان پوء محرم جتوئي حاجن جتوئی موسي جتوئي مسلسل مون تي تشدد ڪندا ھئا ھاڻ ڪجھ وقت اڳ مون کي ۽ منهنجي معصوم ٻارڙن هڪ پٽ ٻن نياڻين سميت گھران ڪڍي ڇڏيو آھي ۽ منهنجي گھر منهنجي مڙس جي زمين تي ۽ پالتو جانورن تي قبضو ڪري ويٺا آھن مان وزيراعلا سنڌ آء جي سنڌ ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کي اپيل ٿي ڪريان مھرباني ڪري منھنجي ظالم ڏيرن کان مونکي منهنجي گھر زمين تان قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي ۽ پالتو جانورن واپس ڪرائي ڏنا وڃن ۽ اگر مونسان انصاف نه ٿيو ته نه ته ٻي صورت ۾ مان پنهنجي ٽن ٻارڙن سميت پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏينديس


Read Previous

ناريل جي تيل جا صحت لاءِ بهترين فائدا

Read Next

ٻيو سيمي فائنل: آسٽريليا جو پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو

Most Popular