تحريڪ لبيڪ پاڪستان سربراهه سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊيول جي فهرست مان خارج

تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه علامه سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊيول جي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي.

پنجاب جي گهرو کاتي طرفان 487 ڄڻن جا نالا فورٿ شيڊيول جي فهرست مان ڪڍيا ويا آهن، جن ۾ ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي جو نالو به شامل آهي.

گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري طرفان جاري پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊيول مان ڪڍڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪميٽين پنهنجون سفارشون پيش ڪيون هيون.

پنجاب حڪومت جي جاري نوٽيفڪيشن موجب فورٿ شيڊيول مان نالو ڪڍڻ لاءِ لاڳاپيل ضلعن جي پوليس رپورٽ تي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ هيل تائين تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي 577 ڄڻن جا نالا فورٿ شيڊيول جي فهرست مان ڪڍيا ويا آهن.

واضح رهي ته 16 سپريل 2021 تي علامه سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊيول جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو هو.

Read Previous

نادرا جو سنڌ ۾ وڌيڪ ميگا سينٽر ٺاهڻ جو فيصلو

Read Next

16 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ملازمن جي برطرفي، فيصلي تي نظرثاني اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور

Most Popular