16 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ملازمن جي برطرفي، فيصلي تي نظرثاني اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ 16 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ملازمن جي برطرفي جي فيصلي تي نظرثاني اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي منع نامي جي حڪم جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت برطرف ملازمن جي بحالي جي قانون کي درست قرار ڏنو.

اٽارني جنرل عدالت کي اپيل ڪئي ته 16 هزار ماڻهو نه پر 16 هزار خاندان متاثر ٿيا، روز روز متاثر ماڻهن جي مرڻ جون خبرون اچي رهيون آهن، انساني بنيادن تي فيصلي جي معطلي چاهيون ٿا.

عدالت چيو اهو ترجيحي رليف ڏئي سگهون ٿا ته حڪومت متاثر ملازمن کي سرڪاري گهرن مان نه ڪڍي.

جسٽس قاضي امين چيو ته کليل دل سان ڪيس ٻڌي رهيا آهيون، پنهنجي غلطي نظر آئي ته اصلاح ڪنداسين.

جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته لڳي رهيو آهي حڪومت شهرت لاءِ نظرثاني جو فيصلو ڪيو.

پوءِ عدالت ٻڌڻي 29 نومبر کان شروع ٿيندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

تحريڪ لبيڪ پاڪستان سربراهه سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊيول جي فهرست مان خارج

Read Next

”منهنجي ڪري سڄي پاڪستان جي جنرل ناليج ۾ واڌارو ٿيو“

Most Popular