”منهنجي ڪري سڄي پاڪستان جي جنرل ناليج ۾ واڌارو ٿيو“

ناليواري پاڪستاني اداڪارا ۽ ميزبان ندا ياسر انڪشاف ڪيو آهي ته ان جي ڪري سڄي پاڪستان جي جنرل ناليج ۾ واڌارو ٿيو آهي.

تازو ئي سوشل ميڊيا جي مختلف پيجن تي ندا ياسر جو هڪ وڊيو وائرل ٿيو هو جنهن کانپوءِ اداڪارا پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد کي هاڪاري انداز ۾ کنيو آهي.

وائرل وڊيو ۾ ندا ياسر چيو ته کيس هاڻي خبر پئي آهي ته فارمولا ون ڇا آهي.

ندا ياسر چيو ته گهڻا ماڻهو جن کي خبر ناهي ته نانيون، ڏاڏيون، پڦيون، چاچيون کين محبت سان ڏسن ٿيون انهن کي به خبر پئجي وئي آهي ته فارمولا ون ڇا آهي.

واضح رهي ته ٿورو عرصو اڳ ندا ياسر جي پنهنجي مارننگ شو جي هڪ پراڻي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا ايپ ٽوئيٽر تي پاڪستان ۾ ٽرينڊ بڻجي وئي هئي.

وڊيو ۾ ندا کي نسٽ (NUST) جي شاگردن کان سوال ڪندي ڏسي سگهجي ٿو جن هڪ فارمولا ون ريسنگ ڪار ٺاهي ۽ شاگردن کي اهڙي شاندار ڪاميابي تي ندا ياسر جي شو ۾ گهرايو ويو هو.

Read Previous

16 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ملازمن جي برطرفي، فيصلي تي نظرثاني اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور

Read Next

قسم کڻي چوان ٿو ته ٽي ايل پي سان معاهدي جو علم ناهي: شيخ رشيد

Most Popular