قسم کڻي چوان ٿو ته ٽي ايل پي سان معاهدي جو علم ناهي: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته قسم کڻي چوان ٿو ٽي ايل پي سان ٿيندڙ معاهدي جو مون کي علم ناهي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسپيڪر پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي ڪرڻ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو هوندو، اتحادين جون شڪايتون هونديون آهن، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڳتي هليو ويو آهي ته سٺي ڳالهه آهي، بهتري جي ڳالهه ٿيندي.

هن چيو ته مان ڳالهين جو حامي آهيان، سڀني سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، مان پهرئين ڏينهن کان ٽي ايل پي سان ڳالهين جو حامي هيس، مان رتوڇاڻ جو حامي ناهيان.

ٽي ايل پي سان معاهدي بابت سندس چوڻ هو لفافو کلڻ سان سڄي قوم کي خبر پئجي ويندي ته ڪهڙو معاهدو ٿيو آهي، قسم کڻي چوان ٿو ته مون کي خبر ناهي ٽي ايل پي سان ڪهڙو معاهدو ٿيو آهي، ٽي ايل پي سان ٿيندڙ پهرئين معاهدي ۾ شامل هيس ۽ پنهنجي صحيح تي قائم آهيان.

Read Previous

”منهنجي ڪري سڄي پاڪستان جي جنرل ناليج ۾ واڌارو ٿيو“

Read Next

فرانس نئين جوهري پاور پلانٽن جي اڏاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular