فرانس نئين جوهري پاور پلانٽن جي اڏاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو

فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون نت نون جوهري پاور پلانٽن جي اڏاوتي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پنهنجي تازي ٽيلي ويزن خطاب ۾ ميڪرون ٻين معاملن کانسواءِ موسمياتي تبديلين خلاف جنگ ۽ اعتماد جوڳي توانائي جي فراهمي جي کوٽ جو ذڪر ڪندي نئين نسل جي جوهري پاور پلانٽن جي اڏاوت جو جواز پيش ڪيو.

گڏوگڏ هن جديد توانائي جي ترقي کي جاري رکڻ تي به زور ڏنو.

واضح رهي ته فرانس انهن ملڪن مان هڪ آهي، جيڪي جوهري توانائي جو استعمال ڪري رهيا آهن ۽ ان تي قائم رهڻ چاهين ٿا.

فرانس ۾ هن وقت 56 ري ايڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن، گذريل مهيني آڪٽوبر ۾ فرانسيسي صدر ايٽمي توانائي جي شعبي ۾ هڪ بلين يورو جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو هو.

Read Previous

قسم کڻي چوان ٿو ته ٽي ايل پي سان معاهدي جو علم ناهي: شيخ رشيد

Read Next

ٻيو سيمي فائنل: پاڪستان جو آسٽريليا کي ڪاميابي لاءِ 177 رنسن جو هدف

Most Popular