اداسي ۽ ڊپريشن، علامتون ۽ حل

Print

اداسي ۽ ڊپريشن (ذهني دٻاءُ) ٻه الڳ الڳ شيون آهن ۽ ماڻهو گهڻي قدر انهن کي هڪ ئي سمجهندا آهن.

ڊپريشن (ذهني دٻاءُ) هڪ عام پر خطرناڪ بيماري آهي اها بيماري ڪنهن به شخص جي جيئري رهڻ جي مقصد کي نشانو بڻائي سگهي ٿي ۽ انکي زندگي کان بيزار ڪري ڇڏيندي آهي.

ڊپريشن جو شڪار 350 ملين کان مٿي ماڻهن جون زندگيون بچائڻ جي لاءِ سڀني کي ان بابت سنجيده ٿيڻو پوندو.

اها بيماري لکين ماڻهن جي زندگين کي نقصان پهچائي رهي آهي، ان جي علامتن کي سمجهڻ ان کي روڪڻ ۾ گهڻو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

هتي اسان ڊپريشن جي ڪجهه علامتن بابت ڳالهه ٻولهه ڪنداسين جيڪي هر ڪنهن جي لاءِ ڄاڻن ضروري آهي ته جيئن ان بيماري تي ٿورو گهڻو ضابطو ڪري سگهجي.

اداسي يا پريشاني:

اسان سڀ زندگي ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن اداس ٿيندا آهيون ۽ ان جو تعلق اسان جي جذبن سان هوندو آهي تنهن هوندي به جيڪڏهن اها اداسي ڪجهه ڏينهن کان وڌي هفتن ۽ مهينن تائين پهچي وڃي ته اها يقيني طور تي ڊپريشن جي صورت اختيار ڪري وٺندي آهي.

اهڙي صورتحال ۾ اسان کي ناڪاري خيالن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ضروري آهي.

سمهڻ جي وقت ۾ خرابي:

جيڪڏهن توهان جي ننڊ ڪرڻ جي وقت ۾ تبديلي اچي وئي آهي، مثال طور توهان سڄي رات جاڳو ٿا ۽ ڏينهن جو گهڻو وقت ننڊ ڪيو ٿا ته اها ڊپريشن جي علامت ٿي سگهي ٿي.

پنهنجي ڪم تي ڌيان نه ڏيڻ:

جيڪڏهن توهان لڳاتار ڪوشش باوجود به ڪم تي صحيح طريقي سان ڌيان نٿا ڏئي سگهو ته اها به هڪ ڊپريشن جي علامت ئي آهي.

ڪنهن شيءِ جو عادي ٿي وڃڻ:

ڪنهن به شيءِ جو استعمال هڪدم وڌائي ڇڏڻ يا سگريٽ ۽ الڪوحل واپرائڻ سميت ڪنهن به قسم جو نشو شروع ڪرڻ ڊپريشن جي وڏي علامتن مان هڪ آهي.

پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ يا شرمندگي محسوس ڪرڻ:

جيڪڏهن توهان ڊپريشن جو شڪار ٿيو ٿا ته سڀ ڪنهن ڳالهه جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ذميوار سمجهندا آهيو ۽ اهڙو خود احتسابي جو عمل شروع ڪري توهان پاڻ کي انهن ڪمن ۾ به ڏوهي سمجهندا آهيو جنهن ۾ توهان جي ڪنهن به حوالي سان مداخلت نه هجي يا وري ڪو به ڏيڻ وٺڻ نه هجي.

خودڪشي جو سوچڻ:

هڪ اندازي موجب هر ٽيهن سيڪنڊن ۾ هڪ شخص خودڪشي ڪندو آهي، گذريل 45 سالن ۾ ان ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ خودڪشي ڪرڻ جي شرح 60 سيڪڙو تائين پهتي آهي.

خودڪشي جي خيالن جو اچڻ ڊپريشن جي سڀ کان وڏي ۽ خطرناڪ علامت آهي اهڙي صورت ۾ فوري طور تي ڪنهن سُٺي نفسيات جي ماهر سان رابطو ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي.

وزن ۾ تبديلي:

ڪيترن ئي ماهرن جو چوڻ آهي ته وزن جو لڳاتار وڌڻ يا گهٽ ٿيڻ به ڊپريشن جي علامت ٿي سگهي ٿو.

انهن سڀني شين کي ڪنٽرول ڪري اداسي ۽ ڊپريشن جي بيمارين مان ڇوٽڪارو ماڻهو سگهجي ٿو.

Read Previous

آمريڪي هدفن تي چيني مشقون تي ريپبليڪيشن سينيٽر کي ڳڻتي

Read Next

مليڪا شراوت بواءِ فرينڊ جي پريشاني جو سبب بڻجي وئي

Most Popular