مليڪا شراوت بواءِ فرينڊ جي پريشاني جو سبب بڻجي وئي

مليڪا شراوت پنهنجي بواءِ فرينڊ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

مليڪا شراوت چيو آهي ته مان جلدي ننڊ سمهندي آهيان ته هو شڪايت ڪندو آهي.

اداڪارا هڪ ٽاڪ شو ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته منهنجي بواءِ فرينڊ کي مونکان سدائين اها ئي شڪايت هوندي آهي ته مان گهڻو جلدي سمهي رهندي آهيان پر مونکي جلدي سمهڻ جي عادت آهي.

هن ٻڌايو ته مونکي پارٽي ڪلچر بلڪل پسند ناهي ۽ مان زندگي گذارڻ جي لاءِ هڪ روحاني طريقو ۽ هڪ گڏيل انداز اختيار ڪرڻ پسند ڪندي آهيان.

واضح رهي ته اداڪارا مليڪا شراوت جي پنهنجي بواءِ فرينڊ سان پهرين ملاقات فران ۾ ٿي هئي جڏهن هوءَ اتي موڪلون گذاري رهي هئي.

Read Previous

اداسي ۽ ڊپريشن، علامتون ۽ حل

Read Next

قاضي احمد لڳ قومي شاھراھ تي تيز رفتار ڊوم وين جو ٽرالر سان خوفناڪ حادثو پيش آيو جنهن ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا

Most Popular