آمريڪي هدفن تي چيني مشقون تي ريپبليڪيشن سينيٽر کي ڳڻتي

چين جي هڪ سمنڊ ۾ آمريڪي جنگي ٻيڙي ۽ جهاز بردار ٻيڙي جون فرضي تصويرون سامهون اچڻ کانپوءِ چين طرفان آمريڪا کي لاحق خطرن تي ڪانگريس جي آرمڊ سروسز ڪميٽي جي ريبپليڪيشن سينيٽر جم ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

ريبپليڪيشن سينيٽر چيو ته چين اسان جي هدفن تي حملن جي لاءِ فرضي ماڊل ٺاهي پنهنجي فوج کي انهن کي نشانو بڻائڻ جي تربيت ڏئي رهيو آهي جيڪا سنگين خطري جي علامت آهي.

هڪ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته مان سدائين چين بابت ڳالهه ڪئي آهي ته چين اسان جي سامونڊي جهازن ۽ هوائي جهازن جا نقل تيار ڪري رهيو آهي ته جيئن انهن تي تربيتي مشقون ڪري سگهجن.

هن چيو ته هاڻي اسان وٽ هڪ ڊمي آمريڪي جهاز بردار سامونڊي جهاز جي تصوير آهي جيڪو ريلوي پٽڙي تي بيٺل آهي ته جيئن ان جي حرڪت ۾ اچڻ تي چيني فوج ان تي حملو ڪري سگهي.

ريبپليڪيشن سينيٽر جم چيو ته اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ ۽ تيزي سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان ان خطري جي لاءِ تيار رهون.

سيٽلائيٽ جي تصوير مان خبر پوي ٿي ته بيجنگ پنهنجي سمنڊ ۾ جهاز بردار سامونڊي ٻيڙو هڪ آمريڪي سامونڊي ٻيڙي جو لائيف اسٽائل ماڊل ٺاهي رهيو آهي جن بابت خيال ڪيو ويندو آهي ته انهن کي ايندڙ وقت ۾ امڪاني سامونڊي مهاڏي جي تربيت جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي.

Read Previous

رضوان جي آءِ سي يو ۾ موجودگي جي تصوير سامهون اچي وئي

Read Next

اداسي ۽ ڊپريشن، علامتون ۽ حل

Most Popular