قاضي احمد لڳ قومي شاھراھ تي تيز رفتار ڊوم وين جو ٽرالر سان خوفناڪ حادثو پيش آيو جنهن ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا

قاضي احمد رپورٽ سرائي علي نواز قاضي احمد لڳ قومي شاھراھ تي تيز رفتار ڊوم وين جو ٽرالر سان خوفناڪ حادثو پيش آيو جنهن ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ست ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي فوري طور تي تعلقه اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو) تفصيل مطابق) آج صبح سوير قاضي احمد لڳ ڪلوئي اسٽاپ تي تربيلا (پنجاب) کان ڪراچي ويندڙ ڊوم وين تيز رفتار جي ڪري ٽرالر جي پويان وڃي لڳي جنهن جي نتيجي ۾ وين ڊرائيور شاھد خان پٺاڻ ۽ جمع خان پٺاڻ موقعي تي فوت ٿي ويا ۽ پنج سالا معصوم شوال مسمات رشيده مسمات انجم ڪامران عبيد محمد صادق سميت سات ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي قاضي احمد اسپتال پھچايو ويو زخمين کي فوري طور تي ملم پٽي ڪئي وئي

Read Previous

مليڪا شراوت بواءِ فرينڊ جي پريشاني جو سبب بڻجي وئي

Read Next

ناظم جوکيو ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي، مقتول جا موبائل فون ۽ ڪپڙا هٿ

Most Popular