![](https://dailyaas.com.pk/wp-content/uploads/2021/11/schedule-prepared-as-domestic-consumers-to-get-gas-three-times-a-day-1636893327-5635.jpg)
پيٽروليم واري وزارت ۽ سوئي ناردرن گيس ڪمپني جي سياري جي موسم ۾ گيس جي فراهمي بابت حڪمت عملي سامهون اچي وئي آهي. جنهن تحت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي واهپيدارن کي 24 ڪلاڪن مان رڳو ڪجهه ڪلاڪ ئي گيس ملي سگهندي.
سوئي ناردرن گهريلو واهپيدارن جي لاءِ صبح، منجهند ۽ شام جو گيس ڏيڻ جو شيڊول تيار ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي گهريلو واهپيدارن کي صبح ساڍي 5 وڳي کان ساڍي 8 وڳي تائين گيس ملندي، پوءِ ساڍي 11 وڳي کان 2 وڳي تائين ۽ آخر ۾ شام 4 وڳي کان رات 10 وڳي تائين ئي گيس ملندي.
سوئي ناردرن ڪمپني جي ذريعن موجب گيس جي فراهمي جو اهو شيڊول ڊسمبر کان لاڳو ڪيو ويندو ۽ ان تي فيبروري تائين عمل جاري رهندو.