رياست مني پور ۾ ڀارتي فوج جو ڪرنل، پُٽ ۽ گهرواري سميت 7 ڄڻا مارجي ويا

ڀارتي رياست مني پور ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي عليحدگي پسندن جي حملي ۾ ڪرنل جي گهرواري سميت 7 ماڻهو مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب مارجي ويلن ۾ ڀارتي فوج جو ڪرنل ان جي گهرواري ۽ 8 سالا پُٽ به شامل هو.

رپورٽ موجب ڀارتي ڪرنل جو پُٽ ۽ گهرواري فوجي قافلي ۾ شامل هئا.

ڀارتي فوج جو تعلق ڀارتي فوج جي پيراملٽري فورس آسام رائفلز سان هو.

اختيارين ۾ شڪي طور تي پيپلز لبريشن آرمي کي ملوث قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته ڪنهن تنظيم ان حملي جي ذميواري ناهي قبولي.

Read Previous

نواز شريف ۽ فضل الرحمان ۾ رابطو، حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ تي اتفاق

Read Next

انسٽاگرا ۾ 2 بهترين فيچرز جي واڌ

Most Popular