نئين دهلي ۾ هوائي گدلاڻ، اسڪول بند

ڀارت جي گادي واري هنڌ نئين دهلي ۾ هوائي گدلاڻ جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري اسڪول هڪ هفتي جي لاءِ بند ڪيا ويا آهن.

نئين دهلي سميت ڀارت جي مختلف شهرن کي بدترين هوائي گدلاڻ سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، دهلي کانپوءِ رياست هرياڻا ۾ به سڀني اسڪولن کي بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

نئين دهلي ۾ 17 نومبر تائين سڀني اڏاوتي سرگرمين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ سرڪاري توڙي خانگي آفيسن جي ملازمن کي گهر مان ڪم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

پابنديون نئين دهلي جي چئن ويجهي ضلعن گرو گرام، فريد آباد، سوني پت ۽ جهاجر ۾ به هونديون.

نئين دهلي جي وڏي وزير اروند ڪيجريوال جو چوڻ آهي ته شهر ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو امڪان آهي پر ان جو فيصلو واسطيدار ايجنسين ۽ وفاقي حڪومت سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو ويندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي سپريم ڪورٽ به گادي واري هنڌ ۾ 2 ڏينهن جي لاڪ ڊائون جي تجويز ڏئي چڪي آهي.

Read Previous

”عمر جي مرڻ جو سبب بڻجندڙ کي بخش نه ڪنديس“

Read Next

نيوزيلينڊ جو ورلڊ ڪپ کٽڻ جو خواب پورو نه ٿي سگهيو، آسٽريليا نئون چيمپيئن

Most Popular