وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جي حوالي سان سمري موڪلي وئي هئي، جنهن کي وزيراعظم طرفان منظور نه ڪيو ويو ۽ هاڻ هلندڙ مهيني پيٽروليم شين جون موجوده قيمتون برقرار رهنديون.