مٽياري : ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن پاران ايريگيشن کاتي جي نااهلي خلاف احتجاج

مٽياري ويجھو ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن پاران ايريگيشن کاتي جي نااهلي خلاف احتجاج، آبادگارن ٻن ڏينهن کان لکيسر مائنر کي لڳل گهارو بند نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، آبادگارن ۽ مختلف ڳوٺن جي رهواسين ميانداد ۔ سلطان احمد ۔ رضا محمد ۔ شهمير ۔ بلاول ۔ صدام شاھاڻي ۔ رضا محمد ۔ مرزو خان ۔ امام علي ۔ شوڪت شاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخت نعريبازي ڪئي وئي ۔ ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته ٻن ڏينهن کان لکيسر مائينر کي لڳل 25 فٽ گهارو بند نه ڪيو ويو آهي اسان جو سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي ايتري نقصان کانپوءِ به آبپاشي عملدار غائب آهن هنن چيو ته آبپاشي عملدارن جي نااهلي سبب شاخ کي روز گهارا پئجي رهيا آهن سنڌ حڪومت آبپاشي کاتي جي نااهلي جو نوٽيس وٺي آبادگارن جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري آبادگارن کي رليف ڏنو وڃي.

Read Previous

ماءُ سان سنبل بڻجي ڳالهائيندي آهيان، لاڏاڻي جو اڃا ناهي ٻڌايو

Read Next

ناظم جوکئي جو ڀاءُ ڦري ويو، ڪيس مان ڄام ڪريم جو نالو ڪڍڻ جو بيان

Most Popular