ناظم جوکئي جو ڀاءُ ڦري ويو، ڪيس مان ڄام ڪريم جو نالو ڪڍڻ جو بيان

ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ مقتول جي ڀاءُ افضل جوکئي ڪيس مان ڄام عبدالڪريم جو نالو ڪڍڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو آهي.

جڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ افضل جوکئي پنهنجي 164 جي بيان ۾ چيو ته قومي اسيمبلي ميمبر ڄام عبدالڪريم مون کي قسم ڏئي چيو ته هو منهنجي ڀاءَ جي قتل ۾ ملوث ناهي، تنهن ڪري ان جو نالو ڪڍيو وڃي، جڏهن ته پ پ ايم پي اي ڄام اويس ۽ ٻيا جوابدار ملوث آهن.

جوابدار ڄام اويس جي وڪيل موجب مقتول جي ڀاءَ طرفان ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ جي درخواست به واپس ورتي وئي آهي ۽ عدالت ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ بابت درخواست اڪلائي ڇڏي آهي.

ڪيس جي فريادي ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي هاڻ واپس ورتو ويو آهي.

Read Previous

مٽياري : ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن پاران ايريگيشن کاتي جي نااهلي خلاف احتجاج

Read Next

اپوزيشن جو حڪومتي قانون سازي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

Most Popular