اپوزيشن جو حڪومتي قانون سازي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

گڏيل اپوزيشن چونڊ ترميمي بل سميت ٻيا بل عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جمعيت علماءِ اسلام جي اسعد محمود ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته قانون سازي کي بلڊوز ڪيو ويو، ان ماحول ۾ قانون سازي نٿي ٿي سگهي، اپوزيشن جي ووٽن کي گهٽ ظاهر ڪيو ويو، اپوزيشن اعتراض به ڪيو، جنهن کي اهميت نه ڏني وئي.

هن چيو ته انهن سڀني روايتن کي چِٿي ڇڏيو، مان ۽ بلاول اسپيڪر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته قاعدن تي هلو، اسپيڪر کي ٻڌايو ته اسان جو انگ 200 کان مٿي هو، اسان جي خيال ۾ حڪومتي ڳڻپ ۾3، 4 ووٽ وڌيڪ ڳڻيا ويا، اسان جي ڳالهه نه مڃي وئي ته واڪ آئوٽ ڪيوسين.

سندس چوڻ هو ته حڪومت ڌانڌلي سان سمورا بل بلڊوز ڪيا، مان اسپيڪر کي چيو ته توهان زيادتي ڪري رهيا آهيو، 167 ملڪن مان رڳو 8 ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال ٿي رهي آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گڏيل اجلاس جا پنهنجا رولز هوندا آهن نارمل سيشن جا الڳ، مان ڀرپور ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر کي رولز ٻڌايان، جوائنٽ سيشن مان ڪنهن بل کي منظور ڪرائڻ لاءِ 221 ووٽن جو هجڻ ضروري آهي، گڏيل اجلاس ۾ حڪومت جي فتح نه ٿي.

هن اعلان ڪيو ته ڪلڀوشن کي اين آر او ۽ چونڊ ترميمي بل سميت ٻيا بل هر فورم تي چئلينج ڪنداسين.

Read Previous

ناظم جوکئي جو ڀاءُ ڦري ويو، ڪيس مان ڄام ڪريم جو نالو ڪڍڻ جو بيان

Read Next

”مضبوطيءَ سان نڪتا آهيون، اقتدار ڇڏڻ ۾ ئي حڪمرانن جي ڀلائي آهي“

Most Popular