”مضبوطيءَ سان نڪتا آهيون، اقتدار ڇڏڻ ۾ ئي حڪمرانن جي ڀلائي آهي“

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 10 سالن کان چئي رهيو آهيان عمران خان پاڪستان جي سياست جو غير ضروري عنصر آهي.

ڪوئيٽا ۾ پي ڊي ايم تحت مهانگائي خلاف جلسي سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان نالائق ۽ نااهل آهي، جنهن 50 لک گهر ڏيڻ بدران عوام کي بي گهر ڪري ڇڏيو، اسٽيٽ بئنڪ گورنر کانسواءِ ڪير به نوڪري لاءِ پاڪستان نه آيو، اسان جي عدليا تي سوال اٿاريا پيا وڃن.

هن چيو ته ڌانڌلي سان آيل حڪومت هاڻ قانون سازي ۽ سڌارن جي ڳالهه ڪري رهي آهي، اهڙي قانون سازي جي مخالفت ڪنداسين، ملڪ ۾ آئيني ۽ جمهوري حڪمراني هجڻ گهرجي، حڪومت خلاف جدوجهد جاري رکنداسين.

سندس چوڻ هو ته اسان ڪالهه به غلامي جي خلاف هئاسين ۽ اڄ به آهيون، وڏي مضبوطي سان ميدان ۾ نڪتا آهيون، قوم کي مايوس نه ڪنداسين، اقتدار ڇڏي وڃڻ ۾ ئي حڪمرانن جي ڀلائي آهي.

Read Previous

اپوزيشن جو حڪومتي قانون سازي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

Read Next

ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي جيل مان آزاد ٿي ويو

Most Popular