نئين دهلي ۾ هوائي گدلاڻ وڌڻ سان ٻارن ۾ ساهه جي بيمارين ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب 10 ڏينهن ۾ ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا ٻارن جو انگ ٽيڻ تي وڌي ويو آهي.
هوائي گدلاڻ جيڪري نئين دهلي ۾ تعليمي ادارن کي هڪ هفتي جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڀارتي سپريم ڪورٽ به هوائي آلودگي جو نوٽيس وٺندي حڪومت کان جواب طلب ڪيو آهي.