سڄي ملڪ ۾ گيس جو شديد بحران، پنجاب کي ايل اين جي ڏيڻ جو فيصلو

سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونواهه جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گيس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي ڪري شهرين کي پريشاني سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

گجروانوالا ۾ ٿڌ ۾ واڌ سان گڏ گيس پريشر ۾ گهٽتائي جڏهن ته ڪاٺين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ وري گيس جي فراهمي مڪمل طور معطل ڪئي وئي آهي.

ٻرڻ واري ڪاٺين جو اگهه في مڻ 350 رپين تائين وڌي چڪو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ 600 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ وارو ڪاٺ 950 رپيا في مڻ ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

ميرپورخاص جي مختلف علائقن ۾ به گيس جو بحران وڌي رهيو آهي، ڪجهه علائقن ۾ گيس جي فراهمي بلڪل معطل آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ نه هئڻ برابر گيس جو پريشر آهي. صورتحال کان پريشان عورتون ٻارن کي بنا ناشتي جي اسڪول موڪلڻ تي مجبور آهن.

شهرين جو چوڻ آهي ته ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي جي ڪري هوٽل تان ڳري اگهن ۾ کاڌا گهرائڻ اسان جي وس کان مٿي آهن.

گيس بحران شدت اختيار ڪندو پيو وڃي ۽ ڪراچي جي صنعت ڪارن به گيس نه ملڻ جي شڪايت ڪئي آهي.

ڪي پي ڪي جي ضلعي ٽانڪ ۾ به گيس لوڊشيڊنگ جي ڪري شهري پريشان آهن ۽ 24 ڪلاڪن ۾ رڳو 3 ڪلاڪ گيس تمام گهٽ پريشر شهرين کي فراهم ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

آن ايئر شو ۾ حريم شاهه جي فون، شيخ رشيد جي ڇَنڊ

Read Next

ڀارت: هوائي گدلاڻ ڦهلجڻ جي ڪري ٻارن جي بيمارين ۾ ٽيڻ تي واڌ

Most Popular