اسلامو فوبيا ۾ مبتلا ڀارتي اينڪر کي دبئي گهرائڻ تي اماراتي شهزادي ڪاوڙجي پئي

اسلامو فوبيا ۾ مبتلا هندو انتهاپسند صحافي سڌير چوڌري کي دبئي ۾ هڪ پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي گڏيل عرب امارتن جي شهزادي انتظاميا تي ڏمرجي پئي.

شارجا سان واسطو رکندڙ شهزادي هند بنت فيصل القاسمي دبئي ۾ ٿيندڙ هڪ عالمي فنڪشن ۾ هندو انتهاپسند نظريا رکندڙ ڀارتي صحافي کي دعوت ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

شهزادي هند پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته جيڪو اسلام ۽ مسلمانن خلاف بڪواس ڪندو آهي، ان کي امن پسند روادار ملڪ ۾ ڇو گهرايو ويو؟

Read Previous

پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جو 25 نومبر کان سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان

Read Next

گئس بحران سميت سڀني مسئلن جو حل پي ٽي آءِ حڪومت جو خاتمو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular