گئس بحران سميت سڀني مسئلن جو حل پي ٽي آءِ حڪومت جو خاتمو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ جاري گئس بحران سميت سڀني مسئلن جو حل پي ٽي آءِ حڪومت جو خاتمو آهي.

ملڪ ۾ گئس بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موجوده حڪومتي دور ۾ عوام جي گهرن جا چُلها به ٿڌا ٿي ويا، عمران خان مسلسل بحرانن کي جنم ڏئي عوام لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته عمران خان هڪ ويلي لاءِ دربدر شهرين کان معافي گهري، جيڪڏهن حڪومت وقت تي ايل اين جي گهرائي ها ته اڄ گئس جي کوٽ نه ٿئي ها، اسان جي حڪومتي دور جو پاڪ ايران گئس پائپ لائن منصوبو مڪمل ڪرڻ سان توانائي بحران نه ٿئي ها، گئس مهانگي ڪري عوام جي پهچ کان پري ڪئي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته حڪومتي نااهلي سبب اڄ صنعتون پنهنجا ايڪسپورٽ آرڊر ئي پورا نه پيون ڪري سگهن، گئس بحران سميت ٻين مسئلن مان ڇوٽڪارو جو حل پي ٽي آءِ حڪومت جو خاتمو آهي.

Read Previous

اسلامو فوبيا ۾ مبتلا ڀارتي اينڪر کي دبئي گهرائڻ تي اماراتي شهزادي ڪاوڙجي پئي

Read Next

پاڪستان ۾ اڌ کان وڌيڪ پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار هجڻ جو انڪشاف

Most Popular