پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جو 25 نومبر کان سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان

پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن 25 نومبر کان سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي اطلاعات سيڪريٽري نعمان علي بٽ چيو ته پيٽرول پمپ 25 نومبر کان بند ڪنداسين، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به پيٽرول پمپ بند هوندا.

هن چيو ته پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جو مطالبو آهي ته ڊيلرز منافعي ۾ واڌ ڪئي وڃي، حڪومت اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا، جيستائين ڊيلر مارجن 6 سيڪڙو نٿو ڪيو وڃي، حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون.

سندس چوڻ هو حڪومت خاطري جي خاطري کانپوءِ 5 نومبر تي هڙتال جو سڏ واپس ورتو هو پر حڪومت مطالبا نه مڃيا.

واضح رهي ته پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن منافعو وڌائڻ جي حڪومتي خاطري تي 5 نومبر تي هڙتال جو سڏ واپس ورتو هو.

Read Previous

نيب پاڪستان جو ڪرپٽ ترين ادارو آهي: شاهد خاقان عباسي

Read Next

اسلامو فوبيا ۾ مبتلا ڀارتي اينڪر کي دبئي گهرائڻ تي اماراتي شهزادي ڪاوڙجي پئي

Most Popular