اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سان جڙيل مبينا آڊيو ٽيپ سامهون اچي وئي

اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس رٽائرڊ ثاقب نثار سان جڙيل هڪ مبينا آڊيو ٽيپ سامهون اچي وئي، جڏهن ته اڳوڻي چيف جسٽس پاڻ سان جڙيل آڊيو ڪلپ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو تيپ سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته عمران خان جي جاءِ ٺاهڻ لاءِ نواز شريف کي سزا ڏيڻي پوندي، مريم نواز کي به سزا ڏيڻي پوندي.

مبينا آڊيو ٽيپ ۾ هو تسليم ڪري رهيو آهي ته مريم نواز کي به سزا ڏيڻي پوندي، توڙي جو ان خلاف ڪو ڪيس ناهي.

هوڏانهن خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار پاڻ سان جڙيل مبينا آڊيو ٽيپ جي ترديد ڪري ڇڏي.

سندس موجب آڊيو ۾ منهنجو آواز ناهي، مون سان جوڙيل آڊيو ڪوڙي آهي، مان ان حوالي سان ڪڏهن به ڪنهن کي هدايتون ناهن ڏنيون، سوچي رهيو آهيان ته قانوني رستو اختيار ڪيان.

Read Previous

مٽياري نامياري سياستدان، سروري جماعت جي روحاني پيشوا مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي ڇھين ورسي ھالا ۾ سادگيء سان ملهائي وئي

Read Next

سشميتا سين جي سرجري مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو

Most Popular