طالبان سموري جمهوري حڪومتن کي پوئتي ڌِڪي ڇڏيو، تاريخي قدم

طالبان حڪومت افغانستان جي گادي واري هنڌ ۾ 2700 کان مٿي نشي جي عادي ماڻهن کي علاج لاءِ اسپتالن ۽ طبي مرڪزن ۾ منتقل ڪري ڇڏيو.

گهرو وزارت افغان ترجمان قاري سعيد خوستي ٻڌايو آهي ته گذريل ڏينهن منشيات کان روڪٿام واري کاتي ڪابل جي روڊن تان ڪيترائي نشئي ماڻهو کنيا ۽ انهن کي اسپتالن ۽ ٻين طبي مرڪزن ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو.

هن ٻڌايو ته علاج لاءِ منتقل ڪيل نشي جي عادي ماڻهن جو انگ 2700 کان مٿي آهي.

قاري سعيد خوستي چيو ته اسپتالن ۽ مرڪزن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي علاج کانپوءِ ڊسچارج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سوين ماڻهو هاڻي به ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ علاج هيٺ آهن.

ترجمان جو چوڻ هو ته طالبان حڪومت سياري جي موسم ۽ جاءِ جي کوٽ جي باوجود منشيات جي ماڻهن جو علاج جاري رکندي ۽ انهن ماڻهن جي گذر سفر جي لاءِ مناسب حل به ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

Read Previous

سشميتا سين جي سرجري مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو

Read Next

پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بنگلاديش کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

Most Popular