پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بنگلاديش کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

پاڪستان ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به بنگلاديش کي شڪست ڏئي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.

ڍاڪا ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته پاڪستان طرفان پهرين ميچ کيڏندڙ شاهنواز ڏاهاڻي 7 جي مجموعي اسڪور تي ميزبان ٽيم جي پهرين وڪيٽ ڪيري ڇڏي.

پاڪستاني بالنگ اٽيڪ اڳيان بنگلاديشي بيٽسمين هڪ ڀيرو ٻيهر سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا ۽ ميزبان ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهي سگهي.

محمد نعيم 47 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، پاڪستان طرفان محمد وسيم ۽ عثمان قادر 2-2، جڏهن ته شاهنواز ڏاهاڻي ۽ حارث رئوف هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ 5 وڪيٽن جي نقصان تي آخري بال تي هدف پورو ڪري سيريز 0-3 تان کٽي ورتي.

پاڪستان طرفان بابر اعظم ۽ محمد رضوان اننگز جي شروعات ڪئي ۽ 32 جي مجموعي اسڪور تي بابر اعظم 19 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ پويلين موٽي ويو.

پوءِ رضوان ۽ حيدر علي ذميواري سان بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو ۽ 83 جي مجموعي اسڪور تي محمد رضوان 40 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

Read Previous

طالبان سموري جمهوري حڪومتن کي پوئتي ڌِڪي ڇڏيو، تاريخي قدم

Read Next

واٽس ايپ ميسيج تي هاڻ جذبن جو اظهار ڪرڻ لاءِ ريپلاءِ جي ضرورت نه پوندي!

Most Popular