ڏوڪري شھر ۾ دڪانن اڳيان ۽ روڊ تي لڳايل مانڊيون ريڙھيون صندل توڙي چنگڪيون گڏھ گاڏا ھٽائڻ لاء آخري وارننگ عمل نه ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي

ڏوڪري شھر ۾ دڪانن اڳيان ۽ روڊ تي لڳايل مانڊيون ريڙھيون صندل توڙي چنگڪيون گڏھ گاڏا ھٽائڻ لاء آخري وارننگ عمل نه ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي سان گڏ ڏنڊ وڌا ويندا اسسٽنٽ ڪمشنر ماجد الطاف آرائين۔ خبر موجب ڏوڪري شھر ۾ حددخليون ھٽائڻ لاء آخري وارننگ ڏوڪري شھر ۾ ھٽائڻ لاء اي سي ماجد الطاف آرائين جي حڪم تي ٽائون جي انڪروچمينٽ انچارج رضوان سولنگي جي اڳواڻي ۾ ٽائون ملازمن سان گڏ شھر جي روڊن تي لڳايل مانڊيون ريڙھيون صندل توڙي چنگڪيون گڏھ گاڏا ھٽائڻ لاء آخري وارننگ ڏني وئي تعلقه اسپتال روڊ ڀٽائي بازار رشيم گلي بس اسيٽنڊ ماڇي مارڪيٽ روڊ کوکر محلا روڊ نشنل بئنڪ روڊ ۽ ٻين روڊن تي نڪري ڪاروبار ڪندڙن کي پابند بڻايو ويو۔ان موقعي تي ڀٽائي پريس ڪلب ڏوڪري جي صحافين سان ڳالھائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر ماجد الطاف آرائين چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي حددخيلون ھٽائي شھر ۾ وڌندڙ سوڙھ سبب ٽريفڪ جام ٿيڻ ڪري عام زندگي مفلوج ٿي وڃي ٿي ۔ھن وڌيڪ چيو ته حڪم کي نه مڃدين ۽ انڪرائي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪندي ڏنڊ وڌا ويندا ۔ شھر کي خوبصورت ڏسڻ چاھيان ٿو عوام سھڪار ڪري ۽ خاص ڪري اسڪولن جي ٽائيم تي روڊن تي وڏي ٽريفڪ جام ٿيڻ جون شڪايتون مليون آھن۔ ۽ دڪانن اڳيان فوري طور تي مانڊيون ريڙھيون صندل توڙي چنگڪيون گڏھ گاڏا ھٽائن نه ته ٻئي صورت ۾ دڪاندارن مٿان ڏنڊ وڌا ويندا اڄ سومر کان آخري وارننگ آھي عمل شھري ضروري ڪندا ۔ ھن وڌيڪ چيو ته عمل نه ڪندڙن خلاف پوليس ۽ ٽائون عملي سان گڏجي وڏي ڪاروائي ڪئي ويندي۔ ھن سان گڏ ڏنڊ به وڌا ويندا ۽ قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي۔

Read Previous

پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز جو دهشتگردن مٿان حملو، سپاهي شهيد

Read Next

سوشل ميڊيا ذريعي وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندڙ سرڪاري آفيسر خلاف ڪارروائي جو حڪم

Most Popular