سوشل ميڊيا ذريعي وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندڙ سرڪاري آفيسر خلاف ڪارروائي جو حڪم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي تحريڪ انصاف حڪومت خلاف ڪمينٽ ڪرڻ تي سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن حماد شميمي خلاف انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

وزيراعظم جي حڪمن کانپوءِ الزامن جو متن ۽ جاچ لاءِ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

اسٽيبلشمينٽ سيڪريٽري 12هين گريڊ جي آفيسر حماد شميمي تي الزام جي سيٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن خلاف انڪوائري ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُ الله عباسي ڪندو.

آرڊر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته 21هين گريڊ جي آفيسر فيس بُڪ تي حڪومت تي تنقيد ڪئي هئي ۽ سرڪاري آفيسر پنهنجي فيس بُڪ ڪمينٽ ۾ پي ٽي آءِ کي طالبان حڪومت سان ڀيٽيو هو.

انڪوائري آرڊر موجب سرڪاري آفيسر ڪمينٽ ڪيو هو ته پي ٽي آءِ ۽ طالبان ۾ هڪجهڙائي اها به آهي ته ٻئي حڪومت ملڻ کانپوءِ سوچي رهيا آهن ته ان کي ڪيئن هلائڻو آهي ۽ ٻنهي جي اميدن جو مرڪز آبپارا ئي آهي.

وزيراعظم جي حڪمن تي سرڪاري آفيسر خلاف انڪوائري ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪئي ويندي.

Read Previous

ڏوڪري شھر ۾ دڪانن اڳيان ۽ روڊ تي لڳايل مانڊيون ريڙھيون صندل توڙي چنگڪيون گڏھ گاڏا ھٽائڻ لاء آخري وارننگ عمل نه ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي

Read Next

ايف 16 ڪيرائڻ جي دعويٰ رد، پائلٽ کي ايوارڊ ڏيڻ پنهنجو مذاق اڏائڻ آهي: پرڏيهي کاتو

Most Popular