ايف 16 ڪيرائڻ جي دعويٰ رد، پائلٽ کي ايوارڊ ڏيڻ پنهنجو مذاق اڏائڻ آهي: پرڏيهي کاتو

پرڏيهي کاتي ڀارت طرفان فيبروري 2019 ۾ پاڪستان جو ايف 16 جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو ايف 16 جهاز ڪيرائڻ جي ڀارتي دعويٰ بي بنياد آهي، ڀارتي پائلٽ کي ايوارڊ ڏيڻ پنهنجي عوام کي خوش ڪرڻ ۽ ذلت مِٽائڻ آهي.

ترجمان موجب عالمي ماهرن ۽ آمريڪي اختيارين تصديق ڪئي هئي ته ان ڏينهن ڪو ايف 16 جهاز نه ڪيرايو ويو، عالمي ۽ آمريڪي ماهرن جهازن جي انگ جو جائزو وٺي جهاز نه ڪيرائڻ جي تصديق ڪئي، تنهن ڪري ڀارتي پائلٽ کي اعزاز سان نوازڻ فوجي ڪنڊڪٽ ۽ قدرن جي ابتڙ آهي ۽ شڪست کاڌل ڀارتي پائلٽ کي اعزاز ڏيڻ پاڻ پنهنجو مذاق اڏائڻ جهڙو آهي.

پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته 27 فيبروري 2019 ۾ پاڪستان ايئر فورس ٻن ڀارتي جهازن کي ڏينهن ڏٺي بهادري سان ڪيرايو هو، هڪ ڀارتي مگ 21 جهاز آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حدن ۾ ڪيرايو ويو ۽ تباهه ٿيل ڀارتي جهاز جي پائلٽ کي پاڪستان پڪڙي خير سگالي جذبي تحت ڇڏيو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ڀارتي پائلٽ کي واپس موڪلڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان ڀارتي هٺ ڌرمي باوجود امن جو خواهشمند آهي.

Read Previous

سوشل ميڊيا ذريعي وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندڙ سرڪاري آفيسر خلاف ڪارروائي جو حڪم

Read Next

سپريم ڪورٽ بار عاصمه جهانگير ڪانفرنس ايجنڊا تحت ڪرائڻ جو الزام رد ڪري ڇڏيو

Most Popular