سپريم ڪورٽ بار عاصمه جهانگير ڪانفرنس ايجنڊا تحت ڪرائڻ جو الزام رد ڪري ڇڏيو

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ بار ڪنهن ايجنڊا تحت عاصمه جهانگير ڪانفرنس ڪرائڻ جو الزام رد ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن عاصمه جهانگير ڪانفرنس بابت وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي.

پڌرائيءَ موجب سپريم ڪورٽ بار ڪانفرنس جي مقررن جي نظريي جي تائيد نٿي ڪري، فورم ملڪ جي قومي مسئلن تي گڏيل نظريي لاءِ آهي، سپريم ڪورٽ بار ڪنهن ايجنڊا تحت ڪانفرنس ڪرائڻ جي الزام کي رد ڪري ٿي، ڪانفرنس جو مقصد ترقي يافته ۽ جمهوري پاڪستان آهي.

سپريم ڪورٽ بار چيو آهي ته جمهوري ترقي لاءِ اظهار جي آزادي بنيادي جُز آهي، عدليا، وڪيلن ۽ انساني حقن لاءِ متحرڪ نمائندن کي ڪانفرنس ۾ نظريو پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو، بار ايسوسيئيشن صحافين، حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڳالهائڻ لاءِ پُل جو ڪردار ادا ڪيو.

پڌرائيءَ موجب سپريم ڪورٽ بار ڪنهن کي بي بنياد الزام لڳائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهي، ملڪي ترقي لاءِ قانون جي حڪمراني، شفاف ٽرائل ۽ پاڪستان جو آئين ئي واحد ذريعو آهي.

سپريم ڪورٽ بار چيو آهي ته ڪانفرنس ۾ ڪنهن شخص کي گهرائي موقعو نه ڏنو ويو ته اهو قانون جي ڀڃڪڙي ڪري، پيمرا مخصوص مقررن جي تقرير جي نشريات تي پابندي هنئي، مجموعي طور عوامي خطابن تي انهن ماڻهن تي ڪا پابندي ناهي.

واضح رهي ته وفاقي وزير فواد چوڌري ڪانفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو خطاب رکڻ تي تقريب جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته صلاحڪار شهزاد اڪبر پڻ چيو هو ته مفرور شخص جو خطاب رکڻ سان انتظاميا جي غير جانبداري تي سنجيده شڪ شهبا پيدا ٿيا آهن.

Read Previous

ايف 16 ڪيرائڻ جي دعويٰ رد، پائلٽ کي ايوارڊ ڏيڻ پنهنجو مذاق اڏائڻ آهي: پرڏيهي کاتو

Read Next

شوڪت ترين جي سينيٽر بڻجڻ لاءِ رستو صاف

Most Popular