شوڪت ترين جي سينيٽر بڻجڻ لاءِ رستو صاف

ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين جي سينيٽر بڻجڻ لاءِ رستو صاف ٿي ويو.

تحريڪ انصاف سينيٽر ايوب آفريدي پنهنجي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن کي سينيٽ چيئرمين منظور ڪري ورتو آهي.

سينيٽ سيڪريٽريٽ ايوب آفريدي جي سيٽ خالي قرار ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن بابت اليڪشن ڪميشن کي به آگاهه ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن خالي سيٽ تي 30 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي پابندي آهي.

هوڏانهن ايوب آفريدي جو چوڻ هو ته مان وزيراعظم کي استعيفيٰ پيش ڪئي پر گڏيل اجلاس سبب انتظار جو چيو ويو، منهنجي سينيٽ سيٽ وزيراعظم جي امانت هئي، خوشي سان واپس ڪيم، هاڻ وزيراعظم جو اختيار آهي ته جنهن کي چاهي ذميواري ڏئي.

Read Previous

سپريم ڪورٽ بار عاصمه جهانگير ڪانفرنس ايجنڊا تحت ڪرائڻ جو الزام رد ڪري ڇڏيو

Read Next

عوام جي وات مان گرهه کسڻ جون تياريون، گئس اگهن ۾ وڏي واڌ جي درخواست

Most Popular