قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي بنگلاديش خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڊيبيو تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شاهنواز ڏاهاڻي چيو ته الحمدالله اڄ مان ملڪ لاءِ کيڏي رهيو آهيان، پاڪستان طرفان کيڏڻ تي انتهائي خوش ۽ پرجوش آهيان.